اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪالهه سومر ڏينهن هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي پونئيرن جي لا??ِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وز??راعظم پاڪستاني سفارتخاني کي مارجي ويلن جي پونئيرن سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئي. وز??راعظم پاڪستاني سفارتخاني کي شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد کان جلد وطن واپسي جي لا??ِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم پاڪستاني سفارتخاني کي زخمين جي سارسنڀال ۽ انهن کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته ڪالهه سومر ڏينهن ايران ۾ پاڪستاني زائرين کي کڻي ويندڙ بس هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا. پاڪستاني زائرين اربعين ۾ شرڪت جي لا??ِ ايران جي رستي عراق ??ڃي رهيا هئا ته انهن جي بس ايران جي صوبي فارس جي شهر نيريز ۽ صوبي ڪرمان جي علائقي سرجان جي وچ ۾ مرڪزي رستي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا.