راولپنڊي- 14 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ??رڻ جون ڪوششون جاري آهن جڏهن ته انهن ڪوششن کي ناڪام بڻا??و پيو وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سيد عاصم منير يو?? آزادي جي حوالي سان پاڪستان آرمي جي اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ پروقار تقريب جي آجيان ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي. آرمي چيف ان موقعي تي اڳوڻن فوجي اهلڪارن جي خدمتن تي کين تحسين پيش ڪيو. هن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اتحاد ۽ ا??تقامت جي اهميت تي زور ??ريو ۽ اڳوڻن فوجين کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. اڳوڻن فوجين پاڪ آرمي جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي اندروني ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي حمايت جو عهد ڪيو. اها تقريب پاڪ فوج ۽ ان جي اڳوڻن فوجين وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي هئي.