اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان – يو اين ايڇ سي آ?? جي تعاون بابت لاڳاپيل معا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ فرينڪفرٽ، لنڊن ۽ برسلز ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز جي خلاف (افغان شهرين پاران) تازا حملا ۽ پرتشدد مظاهر?? پڻ بحث هيٺ آيا. هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن جي پاڪستان جي روايتي مهمان نوازي خاص طور تي پاڪستان حڪومت پاران پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ توسيع جي تازي فيصلي کي ساراهيو. ٻنهي عهديدارن هاءِ ڪمشن?? جي جولاءِ جي شروع ۾ پاڪستان جي دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اڄ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ۾ پاڪستان – يو اين ايڇ سي آ?? جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ ا??غان پناهگيرن جي مسئلي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.