اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي ب??رڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ادار?? جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق آهي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافيت کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻ??ئڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. اسپيڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبل?? جي اسپڪرز کي به گورننگ ب??رڊ ج?? مستقل ميمبر بڻ??ئڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبل?? جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبل?? جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان اسيمبل?? جي اسپيڪر عبدالخالق خان، خيبرپختونخوا اسيمبل?? جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبل?? جي اسپيڪر نذير احمد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد احمد جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.