اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) نا??ي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي صورتحال مستحڪم آهي جنهن کي برقرار رکنداسين، ايف بي آر ۾ چوري ۽ بدعنوا??ي روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي ڊيجيٽلائز ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 3 سالن ۾ 13 سيڪڙو ??ائ??ن ک??ي وينداسين، نان فائلرز جي ڪيٽيگري نه هوندي، هر هڪ کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نا??ي واري وزير چيو ته ملڪ جي ميڪرواڪنامڪ صورتحال مستحڪم آهي، ڪرنٽ ا??ائ??نٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، مالياتي خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، ڪرنسي گذريل ڇهه ست مهينن کان مستحڪم آهي، فارن ايڪسچينج ريزروز 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي ٻن مهينن جي امپورٽ بل کي ڪور ڪري رهيا آهن، نا??ي واڌ کي اسان 38 سيڪڙو کان گهٽائي 11 سيڪڙو ??ائ??ن آندو آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي جنهن کي برقرار رکنداسين. هن چيو ته هن وقت اسانجي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 9 سيڪڙو آهي جنهن کي ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو ??ائ??ن ک??ي وڃڻو آهي. ايف بي آر ۾ خامين کي ختم ڪرڻ ۽ چوري ۽ بدعنوا??ي روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي ڊيجي??يل??ئز ڪيو پيو وڃي. نا??ي واري وزير چيو ته نان فائلرز جي ڪا ڪيٽيگري نه هوندي، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ري??يل??ز ۽ ريئل اسٽيٽ جو ٽيڪس ن??ٽ وڌائينداسين. هن چيو ته بجيٽ ۾ ضرورتمند طبقي جي مفادن جو خيال رکيو ويو آهي، خساري سان هلندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري جو عمل ٽن سالن ۾ مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته ايس او ايز ۽ پاور سيڪٽر جا سڌارا پڻ اسان جي ايجنڊا جو حصو آهن.