عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه جي لاءِ فوري انساني امداد جي حوالي سان اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ اردن جي گادي واري شهر عمان پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي اردن جي وزارت عظميٰ جي معاملن ??اب?? وزير ابراهي الجازي، عمان جي گورنر ياسر العدوان ۽ عمان جي ميئر ??لش??اربه نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪ??و. ??انفرنس جي ميزباني اردن، مصر ۽ گڏيل قومن گڏيل طور تي ڪئي آهي. ڪانفرنس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه ۾ اسرائيل جي سنگين ڏوهن جي پس منظر ۾ فلسطين جي عوام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندو.