اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ قائم انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، وزيراعظم ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت م??ڪم??ڻي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي ح??الي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڪوائري ڪميٽي جي ميمبرن بشمول ناڻي وارو سيڪريٽري ا??داد بوسال، اويس ڪنڊي، نعمان خالد ۽ بابر مجيد ڀٽي شريڪ هئا. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ملڪ ۾ سگريٽ سازي، ڀاڻ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ پيداوار جي مانيٽرنگ، جعلي مصنوعات جي سڃاڻپ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ ناقص منصوبابندي ۽ لاڳو ڪرڻ جي ح??الي سان غفلت جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان په??و، ايتري ا??م قومي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ جلدبازي ڪري ا??م شقن کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت م??ڪم??ڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، لائسنسي سان معاهدي تي فوري نظرثاني ڪئي وڃي، معاهدي ۾ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ تڪرارن جي ح?? جي متبادل نظام جي ح??الي سان پڻ شقون شامل ڪيون وڃن، انڪوائري رپورٽ موجب ان وقت جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر آپريشنز ان لينڊ روينيو ان غفلت جا مرڪتب ٿيا. رپورٽ موجب ان سنگين غلطي جي بنيادي ذميواري بعد ۾ انهن ئي عهدن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿي، ناقص انتظامي نگراني جي لاءِ ان وقت جي ا??ف بي آر چيئرمين کي ذميوار قرار ڏنو ويو. وزيراعظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي ا??ڪوائري ڪميٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.