اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير م??مد اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي. آمريڪي سفارتخاني پاران جاري بيان مو??ب سفير ڊونلڊ بلوم پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي تازي واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان مو??ب سفير ڊونلڊ بلوم پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي آمريڪا جي عزم کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي خوشحالي ۽ سلامتي آمريڪا جي اولين ترجيح آهي.