برسلز – 22 – مارچ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سم?? جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي وزير ??لم??زروئل سهيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ امڪانن ج?? جائزو ورتو. هنن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن خاص طور تي قابل تجديد توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير موسمياتي ڊپلوميسي ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته يو اي اي جي ميزباني ۾ ڪوپ – 28 عالمي ڌيان صاف توانائي جي هڪ آپشن ج?? طور تي نيوڪيلئر انرجي طرف ڇڪرايو. هن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي ائٽمي ري اييڪٽر آپريشنز، حفاظت ۽ ريگيوليٽري انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي سم??رن شعبن ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان ج?? تياري جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير ان يقين ج?? اظهار ڪيو ته پاڪستان – گڏيل عرب امارات جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي (سي اي پ?? اي) جي نتيجي ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ??لن??و. گڏيل عرب امارات جي وزير پاڪستان جي پ??هنجي دورن ۽ پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن ج?? ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان ج?? ترقي ۾ حصيدار رهندو.