اسلام ??با?? – 09 مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فا??وق ستار چيو آهي ته صدر وفاق جي علامت آهي. آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدر لاءِ ووٽ ڏ??و آهي. اڳوڻي صدر پنهنجا اختيار وفاق ۽ صوبن کي منتقل ڪري ملڪ جي استحڪام لاءِ شاندار روايت قائم ڪئي. هن صدارتي چونڊ لاءِ پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ملڪ ۾ قومي، ثقافتي بين النسل ??م آهنگي جي روايت جو امين ۽ علامت هوندو آهي. مضبوط صدر مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهي. ان ڪري ??يم ڪيو ايم آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدارتي ووٽ ڏ??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو زرداري ??ڳوڻي صدر طور پنهنجا اختيار پارليامنٽ ۽ صوبن کي ڏئي تاريخ لکي، جنهن سبب صوبن ۽ وفاق ۾ اعتماد ۽ استحڪام جو رشتو مضبوط ٿيو.