اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گئس جي قيمتن جا اثر ملڪي معيشت تي پڻ پون ٿا، سدائين عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، عوامي مفاد جي گهرج آهي ته گئس جي ??ور??حال کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي سان گڏ پريس ??ان??رنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته گئس جي قيمتن ۾ اضافي جا مختلف سبب آهن جڏهن ته ملڪي معيشت تي پڻ گئس جي قيمتن جا اثر پون ٿا. هن چيو ته سردين ۾ گئس جو استعمال وڌي وڃي ٿو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته سدائين عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، عوامي مفاد جي گهرج آهي ته گئس جي ??ور??حال کي واضح ڪيو وڃي. ان موقعي تي توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ميڊيا کي گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.