اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا تنظيمن کي درپيش مسئلن جي حل ل??ءِ ضروري ??دم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??طلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ??اڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آفيسر طارق محمود خان ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد عاصم کچي به موجود هُئا. نگران وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ اي پي اين ايس، سي پي اين اي اخباري صنعت جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن. نگران وزيراعظم چيو ته ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، حڪومت اظهار جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. ميڊيا تنظيمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل ل??ءِ ضروري ??دم کنيا ويندا.