اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي ريڊيو پاڪستان جي زمين ليز تي ڏيڻ بابت تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتا، اسٽينڊنگ ڪم??ٽي کي ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشنز ۽ ڪم??وٽيشنز جي ادائيگي، حڪومتي ??شتهارن جا خرچ ۽ انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي آپريشنز?? فنڪشنز ۽ ڪارڪردگي بات تف??يل?? آگاهه ڪيو ويو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جو اجلاس ڪم??ٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، ڪم??ٽي جي ميمبرن سينيٽرز سيد وقار مهدي، انور لال دين، طاهر بزنجو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل ر??ڊيو پاڪستان ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي ميڊيا منظرنامي بابت اهم مسئلن تي ??ور ڪيو ويو جڏهن ته سينيٽر سيد وقار مهدي ريڊيو پاڪستان جي زمين، اثاثن جي استعمال ۽ انجي نجڪاري جي معاملن جي جاچ جي لاءِ خصوصي طور تي ??وڙيل ذيلي ڪم??ٽي جي رپورٽ پيش ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل ر??ڊيو پاڪستان ريڊيو جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشنز ۽ ڪم??وٽيشن جي معاملي تي ??پورٽ پيش ڪئي. ڪم??ٽي کي ٻڌايو ويو ته اپريل، مئي، جون ۽ جولاءِ جي مهينن جي پينشن ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن کي ادا ڪئي وئي آهي پر ڪم??وٽيشنز جي مد ۾ 1.25 ارب رپين جي رقم باقي آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل ر??ڊيو پاڪستان ڪم??ٽي کي ريديو پاڪستان جي زمين ليز تي ڏيڻ جي حوالي سان جاري اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان ان ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي جڏهن ته قيمتن کي حتمي شڪل ڏيڻ اڃا باقي آهي. ڪم??ٽي ڄاڻايل معاهدي جي شرطن ۽ ضابطن، ليز تي ڏني ويندڙ زمين جي جڳهه ۽ قيمتن جا تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ تي ??ور ڏنو. ان ڳالهه تي ??ه زور ڏنو ويو ته اهو معاهدو حڪومت سان حڪومت جو ٿيندو. ڪم??ٽي کي وفاقي حڪومت جي اشتهارن جي خرچن بابت تف??يل?? کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پهرين مارچ 2022ع کان 31 آگسٽ 2023ع تائين اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊيجيٽل ۽ آئوٽ ڊور خرچن جي تفصيل بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪم??ٽي جي چيئرپرسن سينيٽر فوزيه ارشد ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته اشتهار بنا فرق جي ورڇ ڪرڻ گهرجن. اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنهنجي دور ۾ اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جو واعدو ڪيو. اسلام آباد ۾ انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي آپريشنز?? فنڪشنز ۽ ڪارڪردگي بابت ڪم??ٽي کي ٺوس بريفنگ ڏني وئي. لاڳاپيل عملدارن ان ڳالهه تي ??وشني وڌي ته انفارميشن سروسز اڪيڊمي اهو واحد ادارو آهي جيڪو سرڪاري ادارن ۽ پرائيويٽ ميڊيا پروفيشنلز کي مختلف بيٽس ۾ تربيت فراهم ڪري ٿو جڏهن ته هي ادارو جديد ترين سهولتن ۽ اسٽوڊيوز سان ليس آهي. ڪم??ٽي کي ٻڌايو ويو ته اڪيڊمي اعليٰ درجي جي نجي ۽ سرڪاري ادارن مان ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري ٿي جن ۾ اهل ۽ تجربيڪار حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ماهر به شامل آهن.