اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ع??ام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي جي باقاعده شروعات سڀاڻي جمعي کان ٿيندي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽ??رز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دستياب هونديون. تفصيلي بيان موجب وزيراعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪل??گرام، گيهه 353 رپيا في ڪل??، کنڊ 100 رپيا في ڪل??گرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪل?? تي خصوصي رعايت ڏني و??ندي. ان سبسڊي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کان گهٽ آهي، سبسڊي حاصل ڪرڻ جا اهل آهن، ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ به بي آئي ايس پي جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽ??رز تي قائم ڪيا پيا وڃن.