اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل ا??رحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد مح??ود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل ا??رحمان ۽ وفاقي وزير اسعد مح??ود گذريل ڏينهن سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت پاران شديد ردعمل ۽ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل ا??رحمان چيو ته سوئيڊن جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جو ان واقعي جي حوالي سان بيانيو ساراهه جوڳو آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي حڪومت جي ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم اتحادي پارٽين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ اتحادين جي تعاون سان ممڪن ٿيو آهي.