مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مناسڪ حج جي ادائيگي دوران جمرات ۾ وڏي شيطان کي پٿ??يو?? هڻڻ ۽ قرباني ڪرڻ کانپوءِ حاجي سڳورا احرام جي حالت کان ٻاهر اچي ويا. بيت الله شريف جو طواف زيارت، ايندڙ ٽي ڏينهن م??يٰ ۾ قيام ۽ شيطان کي پٿ??يو?? هڻڻ کانپوءِ مناسڪ حج جو عمل مڪمل ٿي ويندو. عرفات جي ميدان جي مسجد نمره کان حج جو خطبو ٻڌڻ ۽ رڪن اعظم وقوف عرفه کانپوءِ هڪ لک 70 هزار کان وڌيڪ پا??ستانين سميت سڄي دنيا مان لکين حج پانڌيئڙا مزدلفه پهچي رات کليل آسمان هيٺ گذاري. مزدلفه ۾ فجر جي نماز ادا ڪرڻ ۽ سج لٿي مهل واپس م??يٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ پهتا جتي پهرين ڏينهن هنن وڏي شيطان کي پٿ??يو?? هڻڻ ۽ قرباني کانپوءِ وار ڪٽرايا ۽ احرام جي حالت کان ٻاهر اچي ويا. حاجي سڳورا وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين م??يٰ ۾ رهندا. بيت الله جي طواف جي زيارت ۽ ٽنهي شيطانن کي پٿ??يو?? هڻڻ کانپوءِ مناسڪ حج مڪمل ٿي ويندو، ٻئي پاسي سعودي عرب ۽ نار وارن ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد نماز جي موقعي تي روح پرور مناظر ڏٺا ويا. ان موقعي تي مسلمان امت جي سربلندي، پا??ستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصعي دعائون گه??يو?? ويون.