اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب م??صوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي چين پاران پاڪ چين اقصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي جي هيرو جو خطاب م??ڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جنهن شخص جي ايمانداري، محنت ۽ لگن جو اعتراف چين جهڙو عظيم ڪري رهيو آهي، ان کي سياسي انتقام ۾ پاڳل ٿي جيل ۾ وڌو ويو، ماڻهن کي اتساهي ۽ اشتعال ڏياري گولي هڻائي وئي، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، ڪردارڪشيءَ ڪئي وئي، چين جو بيان اهڙن سمورن ڪارن ڪردارن جي منهن تي چماٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چين پاران اهو اعزاز پاڪستان جي پرڏيهي پا??يس?? جي بهتري جو پڻ اظهار آهي. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ کي سفارتي اڪيل??ئپ ۾ مبتلا ڪيو ويو هو، وزيراعظ?? شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل هڪ سال دوران پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جا رابطا، عزت ۽ ساک بحال ٿي.