پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالي??تي معاهدي جي موضوع تي منعقد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم محم?? شهباز شريف نئين عالمي مالي??تي معاهدي تي سربراهي اجلاس گهرائڻ تي صدر ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن سانمالي??تي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم ??ست??ابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ منجمند ترقي جا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عالمي مالي??تي معاهدي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن جي مدد وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اتان جي عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمي??تي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم مسئلي تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم محم?? شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.