اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون اول ب??گم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي مع??وري س??ٽي??ڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان انهن کي ح??ومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مع??ورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي مع??ورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي مع??وري س??ٽي??ڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ مع??وري س??ٽي??ڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. ب??گم ثمينه علوي چيو ته خصوصي ماڻهو پنهنجي ڪوٽا موجب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرو??ت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي. خاتون اول چيو ته نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون ضروري آهي.