ڪوئيٽا – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته مثبت قومي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پي آءِ ڊي، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي وچ ۾ موثر رابطي ڪاري کي فروغ ڏئي انتظامي معاملن کي آسان ۽ فراهم ڪيل سروسز ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي ??يجنل سربراهن جي ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ريجنل هيڊ عبدالمنان خان پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ ريڊيو پاڪستان جا نوان ڊيجيٽل ٽرانسميٽر هڻڻ جا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ريڊيو جي ٻڌندڙن کي تصديق ٿيل معلومات تي ٻڌل معياري نشريات ٻڌڻ لاءِ ملندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ قائم سرڪاري ميڊيا جي ??يجنل آفيس جي مسئلن جو جائزو وٺي انهن جي ??ل لاءِ لاڳاپيل انتظامي سربراهن کي ضروري وسيلا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته مقامي سطح تي اسٽيٽ ميڊيا جا مقامي ذميوار گڏيل رابطي ڪاري کي موثر بڻائي دستياب وسيلن تحت لاجسٽڪ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ پي آءِ ڊي بلوچستان جي ??يجنل ڊ??ئر??ڪٽر عبدالمنان، پي ٽي وي جي ??نرل مئنيجر، ريڊيو پاڪستان جي ??سٽيشن ڊ??ئر??ڪٽر انيس الرحمان ۽ اي پي پي جي ??يورو چيف نذر محمد بلوچ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي پنهنجي پنهنجي ??دارن بابت بريفنگ ڏني.