ڪر??چي – 11 – مئي (اي پي ??ي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلز??ار??ي اصولي طور تي ڪنهن سياستدان جي گرفتاري تي خوشي ناهي ٿيندي ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ??ار??ي تي پابندي جي حامي آهي، پي ??ي آءِ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اها سياسي ??ار??ي بڻجي هلڻ چاهي ٿي يا شرپسند تنظيم، اسان عام چونڊون مقرر وقت تي منعقد ڪرڻ جا حامي ۽ ملڪ جي موجوده صورتحال جو سياسي حل ڪڍڻ جي لاءِ پراميد آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي بلدياتي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز??ار??ي جي تاريخي ڪاميابي تي 13 مئي تي ڪر??چي ۾ جشن ملهائڻ جو اعلان ڪندي جيالن تي زور ڏنو آهي ته انهن کي عوام جي خدمت جي لاءِ ٻيڻي محنت ڪري ثابت ڪرڻ پوندو ته اهي ئي انهن جا حقيقي نمائندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل ٻه ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جا ڪارا ڏينهن آهن. هن چيو ته عمران جي 8 ڏينهن جي ريمانڊ تي ردعمل ۾ پي ??ي آءِ پاران اهڙا حملا ڪيا ويا جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته جيستائ??ن مون کي ياد آهي، جي ايڇ ڪيو تي هڪ حملو ڪالعدم ٽي ٽي پي ڪيو هو ۽ هاڻي پي ??ي آءِ ڪيو آهي، بلوچستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي گهر تي هڪ حملو ڪالعدم بي ايل اي ڪيو هو ۽ هاڻي ٻيو حملو لاهور جي جناح هائوس تي پي ??ي آءِ ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪنهن جي گرفتاري تي جشن ناهن ملهائيندا نه مٺايون ورهائيندا آهيون، ڇو ته جڏهن سياستدان گرفتار ٿئي ٿو ته مجموعي طور تي پوري سياست متاثر ٿئي ٿي. هن چيو ته عمران خان جي خلاف ڪرپشن جا الزام سنگين آهن. 190 ملين پائونڊ پاڪستان جا هئا، عوام جو پئسو هو، جيڪو واپس عوام کي ملڻ گهرجي ها، پر عمران خان قادر ٽرسٽ جي لاءِ ڪابينا کان زبردستي منظوري ورتي. هن چيو ته عمران خان برطانيا مان رقم جي منتقلي جي معاملي ۾ پنهنجي ڪابينا کي دوکو ڏنو. پي ??ي آءِ جي ان وقت جي ڪابينا ۾ شامل سمورن ميمبرن کي چئلينج ڪريان ٿو ته اهي انهن الزامن جي ترديد ڪري ڏيکارين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٿيڻ ته اهو گهرجي ها ته عمران خان گرفتار ٿيو ته ان جي ??ار??ي چوي ها ته اسان جو قائد ڪيترو بهادر آهي پر انهن جو ردعمل سڀني ڏٺو، پي ??ي آءِ سياسي ??ار??ي رهڻ چاهي ها ته پرامن احتجاج جي ڪال ڏي ها ۽ سياسي ردعمل تائ??ن محدود رهي ها. هن چيو ته اسان جي قائد کي ڦاهي ڏني وئي هئي پر اسان جي ايڇ ڪيو يا ڪنهن ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو نه ڪيو، پاڪستان پيپلز??ار??ي جي ڪارڪنن پاڻ کي ساڙيو پر پاڪستان کي نقصان نه پهچڻ ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ??ي آءِ رياست جي خلاف هٿياربند بغاوت جو فيصلو ڪري ٿي ته يقينن اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون ته ته پوءِ ان جو نتيجو مجبورن اهڙي طرح جي ??ار??ين تي پابندي جي ئي صورت ۾ نڪرندو. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته رياست، حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري اهي ته پاڪستان جي قانون ۽ آئ??ن موجب عمل ڪن ته جيئن اڳتي ڪا سياسي ??ار??ي، گروهه يا تنظيم ان حد تائين پاڪستان جو قانون ٽوڙڻ جو نه سوچي. هن چيو ته پي ??ي آءِ کي به مشورو آهي ته ڀڃ ڊاهه جي ذميوارن کي ان جو جواب ته ڏيڻو پوندو، پر انهن کي وڌيڪ خرابي نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته موجوده سياسي بحران جو عدالتي يا ڪو ٻيو حل نه آهي پر سياسي حل نڪري. سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز??ار??ي کي تاريخي ڪاميابي ڏيڻ تي عوام جا ٿورا مڃيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نفرت ۽ ورڇ جي سياست سدائين جي لاءِ دفن ٿي چڪي آهي. هن چيو ته تازي بلدياتي چونڊن دوران منهنجو نعرو هو ته تنهنجو نه منهنجو پاڪستان، پر اسان سڀني جو پاڪستان، اسان سڀني جو سنڌ، اسان سڀني جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو. هن چيو ته ڪر??چي ۽ حيدرآباد ۾ به ان جي ??ار??ي سنگل لارجيسٽ ??ار??ي بڻجي سامهون آئي آهي. هن چيو ته 13 مئي تي ڪر??چي ۾ جشن ملهايو ويندو، عوام ڀرپور شرڪت ڪري. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پڻ موجود هئا.