اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف برط??ني?? جي بادشا??ه چارلس III ۽ ملڪه ڪنسورٽ ڪيميلا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مئي جي پهرين هفتي برط??ني?? جو دورو ڪندو. وزيراعظم 6 مئي تي برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم 5 مئي تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻ جي لاءِ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف انهن تقريبن ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ برط??ني?? جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا متحرڪ پاڪستاني – برطانوي ڪميونٽي ۾ مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان برطانوي بادشاهه ?? شاهي خاندان کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جي دوست طور ڏسون ٿا ۽ پاڪستان ۽ برط??ني?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.