اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگارن کي في ايڪڙ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پي??اوار ۽ ان جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پي??اوار ۽ کپت ۽ گرمي جي مو??م ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن طارق بشير چيما، مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خرم دستگير خان، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پي??اوار ۽ کپت جي انگن اکرن سان گڏوگڏ يوريا صنعت کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال ۾ ??ڪو??ت آبادگارن جي خوشحالي ۽ زراعت جي شعبي جي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائي آهي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته يوريا جي پي??اوار ۽ ان جي کپت کي نظر ۾ رکندي صنعتن کي گئس جي فراهمي ۽ بفر اسٽاڪس جي هڪ جامع حڪ??ت عملي پي?? ڪئي وڃي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پي??اوار ۽ ان جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اجلاس کي گرمي جي مو??م ۾ بجلي جي پي??اوار ۽ متوقع طلب جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي نيلم جهلم منصوبي جي بحالي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪري هلندڙ سال جولاءِ ۾ ان کان گهٽ لاڳت بجلي جي پي??اوار ٻيهر شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ گرمي جي مو??م ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ رکي وڃي.