ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر جمهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي، بي ??ناهه مشڪلاتُون ۽ المناڪ صدما برداشت ڪيا پر جمهوريت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو جهڪڻ نه ڏنو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو بي ??ثال صبر، جرئت ۽ مفاهمت جو استعارو هئي، سندس ذڪر کانسواءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ اڻ مڪمل آهي. بلاول هائوس مي??يا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بيگم نصرت ڀٽو جي 94 هين ولادت جي ڏهاڙي تي بلاول ڀٽوزرداري پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو بهادر ۽ مدبر عورت ۽ پروقار شخصيت جي ??الڪ هئي. هوءَ هر قسم جي حالتن ۾قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ جي ??هرين چونڊيل وزيراعظم جي عدالتي قتل کانپوءِ جهڙي طرح پنهنجي ذاتي ڏک ۽ مصيبتن کي وساري قوم جي ??سيع تر مفاد کي مٿانهون رکندي آمريت جي خلاف جدوجهد ڪئي، تاريخ ڪڏهن نه وساريندي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانيون اسان سڀني جي ??اءِ مشعل راهه آهي. مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو هر جيالي ۽ پاڪستان جي عوام جي دل??ن ۾ ??دا??ين زندهه رهندي.