اسلام آباد – 02 – ????رچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نائجيريا جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي بولا احمد تينوبو کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، جيڪي خاص طور تي دفاع، واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ وڌيڪ مس??حڪم ٿيندا. هن چونڊيل صدر جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪيو.