اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر ٻار?? جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته ٻار?? جي تعليم ئي بهترين مستقبل جي ضمانت آهي، چونڊيل جمهوري نمائندن کي تعليم جي فراهمي کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو، تعليم جي فروغ جي لاءِ سسرندي وارن کي به ميدان ۾ اچڻ گهرجي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ موجوده دور ۾ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”تعليم کان محروم ٻار، چئلينجز ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو) جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز (پيپس) پاڪستان ٽيچرز فورم جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، تعليمي ماهرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته علم جو فروغ ڪنهن به معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي، تعليم جو شعبو خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر ٻار?? جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ جا مثبت نتيجا نڪرندا، تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ معاشري کي به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون. ه?? چيو ته ”آئوٽ آف اسڪول چلڊرن“ مان 10 سيڪڙو جو تعلق پاڪست??ن سان آهي جيڪو خوفناڪ آهي، ملڪ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻار?? جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آ??ي. صدر نوجوانن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائي پاڪستان کي اقتصادي طور تي مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محدود وسيل?? جي باوجود پاڪستان مان ڊاڪٽر ۽ انجنيئرز وڏي انگ ۾ تربيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا، اسان کي پنهنجي ترجيحن جو تعين ڪرڻ گهرجي، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي به تعليم جو حق ملڻ گهرجي. ه?? چيو ته تعليم ۽ اسڪل اسٽيٽس کانسواءِ ايس ايم ايز ۽ فيصلاسازي جي عمل تي ڌيان ڏيڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ه?? چيو ته پاڪستا?? جي ابتڙ خطي جي ٻين ملڪن پرائمري تعليم تي پنهنجو ڀرپور ڌيان ڏنو جنه?? جي نتيجي ۾ اهي تعليم جي شعبي کانسواءِ اقتصادي ترقي ۾ به اڳتي وڌي ويا آهن. ه?? چيو ته خطي جي ڪجهه ملڪن پرائمري جي تعليم ۾ 98 کان 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو جڏهن ته پاڪستان ۾ اها شرح رڳو 68 سيڪڙو آ??ي. صدر چيو ته بنگلاديش ٻار?? جي لاءِ تعليم جو بندوبست ۽ عورتن کي بااختيار بڻائي ترقي ڪئي آهي، اسان کي پنهنجي ترجيحن کي صحيح ڪرڻو پوندو، اسلام ۾ عورتن کي وراثت جو حق ڏنو ويو آ??ي جڏهن ته اسان کي انهن کي ڪاروبار ۾ به عورتن کي شامل ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته ٻار?? جي تعليم جي لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ معاشري جي هر طبقي کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون، تعليم ۽ ٻين شعب?? جي ترقي جي لاءِ فيصلاسازي کي وڌائڻو پوندو. ه?? چيو ته پاڪستان تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏئي 10 سالن ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ا?? جي لاءِ اسان کي ڀرپور قدم کڻڻا پوندا جنهن ۾ نيشنل ٽيچنگ ڪور جو قيام، اسڪولن کانسواءِ مسجدن ۽ ٻين جاين تي ٻار?? جي لاءِ تعليم جو بندوبست ڪرڻ، استاد?? جي صلاحيت وڌائڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻار?? جي لاءِ اسڪولن ۾ کاڌي جو انتظام ڪرڻ به شامل آهي جڏهن ته اسان کي تعليم جي فروغ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي به استعمال ۾ آڻڻو پوندو. صدر چيو ته اسان تعليم نه ڏئي وڏي انگ لائق ٻارن کي محنت مزدوري ڪرڻ تي مجبور ڪريون ٿا، معاشري جي محروم ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي لاءِ معاشري جي سرندي وارن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ پيپز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد انور صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙ?? جي آجيان ڪندي انهن کي اداري جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو. ه?? چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻار?? جي تعليم جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تقريب کي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواجه خطاب ڪندي چيو ته تعليم ۽ معيشت جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، پاڪستان ماضي ۾ صحت، زراعت ۽ تعليم جي شعبي کي نظرانداز ڪيو جنه?? جي ڪري پاڪستان انهن شعبن ۾ خطي جي ٻين ملڪ?? جي مقابلي ۾ ڪافي پٺتي آهي. ه?? چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو گهڻو تعداد ڳوٺاڻي علائقن سان تعلق رکي ٿو جن ۾ ٻارڙين جو انگ وڌيڪ آهي. پاڪستان ٽيچرز فورم جي چيئرپرسن سينيٽر فوزيه ارشد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ٽيچرز فورم ان اهم مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهيو آ??ي جڏهن ته ڪيترائي ملڪي ۽ عالمي ادارا به تعاون ڪري رهيا آهن. ه?? چيو ته پاڪستان ۾ 8 کان 16 سال?? جي عمر جا 22.8 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انه?? جي تعليم جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ??ن سلسلي ۾ مهم جي شروعات وفاقي گادي واري شهر مان ڪئي پئي وڃي جنه?? جي لاءِ جيڪا، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻيا ادارا تعاون ڪري رهيا آهن.