اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي، شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ??ي. ??يوان صد?? جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? خانيوال ۾ فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر ۽ انسپيڪٽر جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر محمد نويد صادق سيال شهيد جي گهرواريءَ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صد?? گهرڀاتين جي همت، صبر ۽ بهادري سان صدمو برداشت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. صد?? انسپيڪٽر ناصر عباس ڀٽي شهيد جي گهرواريءَ سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صد?? شهيد جي قوم جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صد?? شهيدن کي دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون ڪوششون دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي. هن چيو ته شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.