اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياسي قيادت پاران بل??چستان جي عوام سان هيٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بل??چستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ريڪوڊڪ ۽ ٻيا منصوبا بل??چستان جي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليمي دوري تي آيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهلو، بل??چستان جي ڪيڊٽس سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته سياسي قيادت پاران بل??چستان جي عوام سان هيـٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بل??چستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي قيادت عوام سان مضبوط سياسي لاڳاپا قائم ڪري، بل??چستان جي نوجوانن کي صوبائي ۽ قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بل??چستان معدنيات سان مالامال صوبو آهي، ماڻهو باصلاحيت ۽ بهادر آهن، ريڪوڊڪ سميت ٻيا منصوبا بل??چستان کي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهن ٿا، بل??چستان جي قدرتي وسيلن کي بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪري ترقي ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته پنهنجا نوازي ۽ بدعنواني جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت جو فروغ قوم جي تعمير جي لاءِ ضروري آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ، ذاتي مفادن ۽ ان??ءَ کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مناسب پرورش ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل مالي، سماجي ۽ اقتصاد استحڪام حاصل ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ڪنجي آهي، سموريون ڌريون پنهنجي ان??ءَ ۽ انتهائي رويي کي هڪ طرف رکن، عظيم تر قومي مفاد کي مٿانهون رکن. صدر چيو ته شاگرد سڄي زندگي علم هاصل ڪرڻ کي جاري رکن، پنهنجي صلاحيتن کي مسلسل نکارين، شاگرد پنهنجي ا??لا??ي ۽ خانداني قدرن کي برقرار رکندي صحيح ترجيحن جو تعين ڪن. صدر معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪيڊٽ ڪاليجز کي ساراهيو.