اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. ??رڏ??هي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان ??ور??ن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمهوري قدرن جي پاڪستان جي عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان ??ور??ن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ ??ائ??دار امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ تعليم تائين برابر پهچ جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ ??رڏ??هي وزير ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ??رڏ??هي وزير جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پاڪستان آسيان ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿو. ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.