اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ پيداوار ۾ اض??في جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۽ جدت آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي دفاعي پيداوار جي شعبي ?? ترقي جي وڏي صلاحيت موجود آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز واه جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. صد?? کي پاڪستان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته جديد ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري ۽ انساني وسيلن جي سگهه مسلسل اض??في سان ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. صد?? چيو ته موجوده منڊين ۾ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ چين سپلائي جي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ اض??فو ضروري آهي. پاڪستاني دفاعي مصنوعات اعليٰ معيار رکندڙ، موثر، مختلف حالتن ۾ قابل اعتماد ۽ گهٽ قيمت آهن. صد?? پاڪستان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستاني فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ا??جنسين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ فيڪٽري جي ڪردار کي ساراهيو. صد?? آرڊيننس فيڪٽري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي هن کي پيداواري عمل تي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي تيار ڪيل ۽ ڊسپلي تي موجود مختلف دفاعي مصنوعات ۾ گهري دلچسپي ورتي.