اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سي??سي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 80 لک ڪشميرين تي قابض ڀارتي فوج والاريل علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي تسلط خلاف ڪاري ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال پهرين انهي ڏي??هن ظالم ڀارتي سيڪيورٽي فورس?? غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ لٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشميري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غير انساني فوجي گهيراءَ ۽ وحشياڻو ڏاڍ ۽ ڪشميرين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪري والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجنيئر امير مقا?? عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪشميرين ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان ا??هن جي عزم کي ٽوڙي نٿو سگهي. هن آزادي واري جدوجهد جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.