اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سرڪاري شعبي ۾ 2000 ميگاواٽ شمسي بجلي ??و منصوبو لڳائڻ جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جا منصوبا شروع ڪري رهي آهي جنه?? سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي بنياد تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي حوالي ??ان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وز??راعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وز??ر سيدنويد قمر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وز??ر طارق بشير چيما، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، وز??راعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٻارڻ سان هلندڙ بجلي گهرن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي ??ان تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي ??ان 14 سيپٽمبر 2022ع تي هڪ انويسٽرز ڪانفرن?? منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مقامي ۽ عالمي ملڪن بشمول سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين ۽ قطر مان سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي نئين پاور پلانٽس جي لاءِ جڳهه جي چونڊ جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مظفر ڳڙهه جي ويجهو هڪ جڳهه جي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي جتي 600 ميگاواٽ جي شمسي توانائي سان هلندڙ پاور پلانٽ جي تعمير ڪئي ويندي. ان کانسواءِ شمسي توانائي سان هلندڙ 11 ڪي وي جي فيڊرز جي حوالي ??ان منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻ??ايو ويو ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي ??ان فريم ورڪ ۽ ٽيرف جي حوالي ??ان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پاور ڊويزن، متبادل توانائي جي ترقي جي بورڊ، سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني، نيپرا ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ مشاورت جاري آهي. وز??راعظم ان سلسلي ۾ ٽائيم لائينز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن جلد کان جلد شمسي توانائي سان ٺهندڙ بجلي کي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري سگهجي. اجلاس کي وڌيڪ ٻ??ايو ويو ته سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي ??ي حوالي ??ان به ڪم ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. وز??راعظم سڄي ملڪ ۾ ٽيوب ويلز شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي ??ان ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وز??ر طارق بشير چيما، پاور ڊويزن وارو سيڪريٽري ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزارت جو هڪ نمائندو شامل هوندو. اجلاس ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبي کي جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي جنه?? سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، شمسي توانائي جي منصوبي سان ملڪ جو دارومدار مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ منصوبن تان ختم ٿيندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. هن چيو ته منصوبي تحت چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي بنيادن تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، شمسي توانائي جي استعمال سان ڊسٽري بيوشن ۽ لائين لاسز، بجلي ??ي چوري ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جي مسئلن جو خاتمو ممڪن ٿيندو. هن چيو ته شمسي توانائي جي حوالي ??ان سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي حڪومت پاران خودمختيار ضمانت ڏني ويندي.