اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضائي پل جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان وڌيڪ ٻه امدا??ي اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان مجموعي طور تي 41 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جا هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام جي م??لسل حمايت تي ٿورائتا آهيون.