اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي اڄ ثمرقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربا??يج??ن جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو، ان کانپوءِ ??زي??اعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ملاقات کانپوءِ ??زي??اعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر ويندو. ??زي??اعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن کي خطاب پڻ ڪندو. بعد ۾ ??زي??اعظم قزاخستان جي صدر قاسم جو مارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪندو. ??زي??اعظم پنهنجي دوري جي پڄاڻي کان اڳ امام بخاري جي مزار تي حاضري پڻ ڀريندو.