مو??ن جو دڙو- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ٻوڏ سبب متاثر مو??ن جو دڙو جي تاريخي ورثي کي پهتل نقصان جو جا??زو ورتو، پرڏيهي وزارت مان جا??ي بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير سيد سردار شاهه، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي مو??ن جي دڙي کي ٻوڏ سبب پهتل نقصان بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي روايتي سنڌ?? اجرڪ به پيش ڪيو ويو.