فيصل آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پا??ستان جي آزادي جي لاءِ عالم سڳورن تاريخي ۽ شاندار ڪردار ادا ڪيو تنهن ڪري اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي ملڪي ترقي، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جو وچن ڪرڻ ۽ موجوده حالتن ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي هڪ قومي ايجنڊا تي گڏ ٿيڻ?? پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پا??ستان سني تحريڪ جي ڊويزنل صدر پروفيسر پير محمد آصف رضا قادري فيصل آباد ۾ سدا سلامت پا??ستان قيامت تائين پا??ستان ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آزادي جو حقيقي مقصد اسلام جي اصول ۽ قانونن جي پيروي ڪرڻ آهي ۽ جيئن ته ملڪ پا??ستان نظرياتي بنيادن تي وجود ۾ آيو ان لاءِ ان جي آزادي، خودمختياري ۽ ٻ?? قومي نظريي جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو. هن چيو ته پوري قوم پا??ستانين جي بانين جي ملڪ جي آزادي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي.