اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پ??ڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گ??وپ جي وفد تڪاجي جي باني تڪاجي سوجي جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. بي ايس پي انويسٽمينٽ گ??وپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪارن جي في??لي جي آجيان ڪئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪاري کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان حڪومت ??اران هر ممڪن مدد فراهم ڪ??ڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.