اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڌرين جي گڏيل مشاورت کانپوءِ آزاداڻي معاهدي تي جلد صحيحون ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاهدي سان ??اپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ بهتر ۽ تيز رفتار تعاون جو باضابطا فريم ورڪ ملندو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ شدت پسندي جو سنجيدگي سان ??وٽيس وٺي، عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ اسلامو فوبيا سان ??اڳيل تشدد جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي. صدر چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي مان ايندڙ پناهگيرن سان ??ڪ جهڙو سلوڪ ??رڻ گهرجي، پناهگيرن کي رنگ، نسل، مذهب يا علائقي جي فرق کانسواءِ سهولتون ۽ پناهه ڏيڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري تڪرارن جو شڪار ملڪن ۾ ڇڪت??ڻ ۽ بدامني کي گهٽ ??رڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڇڪتاڻ جو شڪار ملڪن ۾ امن جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي آبادي کي پناهگير بڻجڻ کان روڪي سگهجي. صدر چيو ته پناهگيرن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻڻ سان ??يزبان ??لڪن تي بار گهٽ پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سياحت ۽ مهمان ??وازي جي شعبن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي تجربي مان ??ائدو کڻي سگهي ٿو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عهدو ڇڏيندڙ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت بابت تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪندو، پاڪستان ??عيشت ۽ واپار ۾ سوئيٽزرلينڊ سان ڊگهي مدي واري حصيداري کي قد?? جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ??لڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان جي سافٽ اميج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سفي?? جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سوئيٽزرلينڊ پاڪستان ۾ فوڊ پروسيسنگ، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڇهون وڏو سيڙپڪار آهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي پاڪستان ۾ ڪامياب مدو مڪمل ??رڻ تي مبارڪباد ڏني.