اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس پوري ٽيم کي هڪ متوازن، ترقي تي ٻڌل ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مالي طور ??ي درپيش چئلينجن ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ جي تياري انتهائي ڏکيو ڪم هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگر??م جي لاءِ فنڊز ۾ اضافو ڪيو آهي، بينظير اسڪالرشپ پروگر??م جو دائرو هڪ ڪروڙ شاگردن تائين وڌا??و ويندو. هن چيو ته حڪومت معاشري جي مالي طور ??ي ڪمزور ??بقن جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ ??نه??جي سوچ اها آهي ته مالي لحاظ کان مضبوط ماڻهن کي ٽيڪسن جي ادائيگي جي ذريعي قومي خزاني جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته حڪومت سولر پينلز جي درآمد ۽ پهچ تي ٽيڪس زيرو ڪري ڇڏيو آهي، زرعي مشينري ۽ مداخل جي درآمد تي پڻ ٽيڪس ٻڙي ڪ??و ويو آهي، اهو آبادگارن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ تمام اهم قدم آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ۽ انتظامي جي تازن سالن جي ڪري اسان کي مشڪل کي ??نه?? ڏيڻو پيو آهي، هن بجيٽ جي ذريعي ??نه??جي حڪومت مشڪل فيصلن ذريعي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي ۽ معاشري جي ڪمزور ??بقن تي انهن مشڪل فيصلن جي اثرن کي گ??ٽ کان گهٽ ڪ??و ويندو. وزيراعظم چيو ته عو??م جي مشلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت گهريلو صارفين کي سولر پينلز فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مون ڊسمبر تائين ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرانسميشن لائينز جو ڪم مڪل ڪرڻ ۽ جامع آف گرڊ سسٽم جو منصوبو بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.