اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بي جي پي اڳواڻن جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي وارن بيانن جي شد??د لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته خا??م المرسلين نبي رحمت حضرت محمد ﷺ جي ناموس ۾ گستاخي ڪري بي جي پي جي اڳواڻن پاڻ کي خسيس ثابت ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دنيا جي سمورن انسانن لاءِ رحمت بڻجي ايندڙ نبي اڪرم ﷺ جي پاڪ سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪندڙ ڪو به سليم الفطرت انسان ان جو احترام ۽ ادب کانسواءِ رهي نٿو سگهي، ڪهن چيو ته بي جي پي اڳواڻن جي گستاخي وارن بيانن جي شد??د لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهو بي جي پي جي انتها??سن??اڻي ۽ فتني واري سوچ جو هڪ ٻيو ثبوت آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عالمي برادري بين المذاهب هم آهنگي ۽ مقدس هستين جي احترام جي عالمي تحريڪ جي منافي ڀارتي حڪومت جي روين ?? قدمن جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڀارت اقليتن خا?? طور تي مسلمانن جي بينادي حقن، مذهبي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جو مجرم آهي، ان کي ڪهٽڙي ۾ بيهاريو وڃي، وفاقي وزير چيو ته هر مسلمان پنهنجي آقا ڪريم ﷺ جي عزت ۽ حرمت کي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز سمجهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ مرڻ لاءِ تيار آهي.