اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪري?? جي لاءِ امدادي ساما?? جي ٻي کيپ جي روانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري بيان موجب امدادي سامان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سامان پا??ستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهاز?? جي ذريعي پولينڊ رستي يوڪرين پهچندو. تقريب دوران پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رب??ني ک?? امدادي سامان يوڪري?? جي سفير مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي ک??نسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ يوڪرين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي حنا رب??ني ک?? چيو ته پا??ستان يوڪرين سان گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿ??. هن چيو ته پا??ستا?? جي حڪومت يوڪري?? جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳ ۾ به امدادي سامان فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪري?? جي سفير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪري?? جي عوام جي لاءِ امداد موڪلڻ تي پا??ستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يوڪرين حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پا??ستاني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجهي ٿ??. يوڪري?? جي لاءِ امدادي کيپ پولينڊ جي گادي واري شهر دارسا جي رستي موڪلي ويندي. ساما?? جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي هئي.