اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته پارٽي ڇڏڻ ۽ ٻين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ قانون موجود آهي، آرٽيڪل 63 ون اي موجب اسپيڪر کي پارٽي ??ربراهه جي خط کانپوءِ مي??بر جو ووٽ شمار نه ٿيندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ ??وڌ??ي فواد حسين چيو ته مي??بر پاڻ چئي رهيا آهن ته هنن پارٽي ڇڏي ڏني آهي، انهن مي??برن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن جي نااهلي به تاحيات هوندي، سنڌ جي وڏي وزير غريب عوام جا پئسا ماڻهن جا ضمير خريدڻ لاءِ موڪليا، سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي، صحت جي نظام جو برو حال آهي ۽ سنڌ جا حڪمران خريد ۽ وڪري ۾ لڳل آهن، حڪومت وٽ وسيلا هوندا آهن، ان لاءِ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ آسان آهي، ??وڌ??ي فواد حسين چيو ته جڏهن بينظير ڀٽو جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئي ته وس??لن کي استعمال ڪري رٿ کي ناڪام بڻايو ويو هو.