اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريليا جي اڳوڻي اسپنر شين و??رن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آنجهاني جينيئس ليگ اسپنر جنهن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽر شين و??رن جي اوچتو لاڏاڻي سان کيس صدمو پ??تو آهي. شين و??رن هڪ جينيئس بائولر هو ۽ هن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شين و??رن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل جو دورو پ??ڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي ليگ اسپننگ جي موجوده فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هن ٽيست ڪرڪيٽ جي شروعات 1992ع ?? ڀارت جي خلاف ڪئي هئي.