اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هيستائين 9 ڀيرا التوا وٺي چڪو آهي، اهڙا حربا اهو ئي ڪندو آهي جنهن چوري ڪئي هجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪت?? وزير چيو ته شهباز شريف فرد جرم کان ب??ڻ جي لاءِ ڪڏهن نيون درخواستون داخل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪڏ??ن پنهنجي وڪيل کي عدالت مان غيرحاضر ڪرائي ٿو. اهي 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي رمضان شگر ملز ڪيس ۾ التوا وٺي ڇڏين ٿا. شهباز شريف ان ڪيس ۾ هيستائين 9 ڀيرا التوا وٺي چڪو آهي، اهڙا حربا اهو ئي ڪري ٿو جنهن چوري ڪئي هجي. فرخ حبيب چيو ته ان ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي.