اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ چين حصيداري بين الرياستي لاڳاپن ۾ بي م??ال آهي، اڻٿڪ گڏيل حمايت، هڪ ٻئي تي ??عت??اد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي اسان ج?? دوستي جي تار??خ منفرد حيثيت رکي ٿي جنهن کي گذريل 7 ڏهاڪن کان نسل درنسل اسان ج?? قيادت ۽ عوام مسلسل پروان چاڙهيو آهي، اهو گڏيل ڀائيچارو هڪ مضبوط ۽ فعال سدابهار تزويراتي م??دگار حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه هن ناليواري چيني اخبار گلوبل ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته اسان جا رابطا عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي لاهن چاڙهن کان قطعي نظر آزمايل ۽ هر وقت آهن. گذريل سال اسان ج?? سفارتي لاڳاپن ج?? قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ عظيم ال??ان تقريبن اسان ج?? دوستي کي نئين قوت ۽ ولولو ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان ج?? لاءِ چين سان لاڳاپا اسان ج?? پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهن، جنهن کي سياسي حمايت حاصل آهي ۽ آئون اها ڳالهه پوري ??عت??اد سان چئي سگهان ٿو ته اسان ج?? عوام ان دوستي جي حقيقي قدر جو ڀرپور ادراڪ رکي ٿي ۽ ان ج?? وڌيڪ فروغ لاءِ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سرمائي اولمپڪ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ چين ج?? دورو ڪندو. هو پاڻ هڪ رانديگر هجڻ جي ناطي ان جذبي کي سمجهي ٿو جيڪو هڪ قوم ۾ اولمپڪس جهڙين راندين ج?? مقابلي سان پيدا ٿئي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته رانديون يڪجهتي جو عنصر هونديون آهن ۽ اهي سياست کان مٿانهون هجڻ گهرجن. وزيراعظم ان وڏي ايونٽ جي ميزباني تي چين ج?? قيادت ۽ عوام کي م??ارڪباد ڏني ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن ج?? صحت ۽ تحفظ ۽ ڪامياب راندين ج?? لاءِ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو.