اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سيالڪوٽ سانحي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان واقعي جي ذميدارين کي جلد کان جلد ??نص??ف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا آهن، موسمياتي تبديلي، تعليم، غربت جي خاتمي، توانائي ۽ صحت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ ملڪن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي ض??ور?? آهي، سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسا لاروان ويراڪون وز??راعظم عمران خان سان پاڪستان جي دوري تي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم سارڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس سارڪ جي دائري ڪار تحت علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس سارڪ جي دائري ڪار تحت علائقائي تعاون کيو ڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران حمايت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. وز??راعظم سيالڪوٽ واقعي جي سخت مذمت ڪندي پريانٿا ڪمارا جي موت تي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته ان قسم جي قدمن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، شرپسندن کي ??نص??ف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن، سارڪ چارٽر جي مقصدن ۽ هدفن سان گڏيل طور تي مستفيد ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وز??راعظم زور ڏنو ته سائوٿ ايشيا جي عوام جي زندگي جو معيار بدلائڻ لاءِ سارڪ اقتصادي بهتري لاءِ هڪ سازگار ۽ فائديمند ماحول فراهم ڪري سگهي ٿو، وز??راعظم ان موقعي تي زور ڏنو ته گڏيل مفادن خاص طور تي ماحولياتي تبديلي، تعليم، غربت جي خاتمي، توانائي جي انضمام ۽ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ض??ور?? آهي، وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ته سارڪ سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني ۾ ايندڙ مصنوعي رڪاوٽن جي خاتمي تي ان جو انعقاد پاڪستان ۾ ٿيندو، سيڪريٽري جنرل وز??راعظم جو سارڪ بابت مسئلن تي رهنمائي تي ٿورو ادا ڪندي کيس يقين ڏياريو ته سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين جيڪو ڏکڻ ايشيا جي خطي جي سمورن ملڪن جي مفاد ۾ آهي.