اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ينگ پارليامينٽرين فورم جي چونڊن ۾ ناڻي واري پارليامان?? سيڪريٽري ۽ قومي اسي??بل?? ميمبر مخدوم زين قريشي کي بنا مقابلي صدر، ڪنول شوذب (جنرل سيڪريٽري)، تاشفين صفدر (ميڊيا ڪوآرڊينيٽر)، رومينه خورشيد عالم (نائب صدر)، سيد مرتضيٰ محمود، (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيده نوشين افتخار کي ناڻي وار?? سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري فواقي وزير چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نوجوانن جي شموليت وزيراعظم عمران خان جو ويز?? آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار سماجي ترقي لاءِ نوجوان قانونسازن جو ڪردار اڻٽر آهي، هن چيو ته ينگ پارليامينٽرين فورم نوجوان پارليامينٽرينز جي تربيت ?? صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم آهي، اميد آهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جا نوان چونڊيل عهديدار ان ڏس ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا، واضح رهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جو پيٽرن ڊپٽي اسپيڪر قومي اسي??بل?? قاسم خان سوري آهي، ينگ پارليامينٽرين فورم جون چونڊون سندس نگراني ۾ منعقد ٿيون.