اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان پنجاب حڪومت کي سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع پاليسي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، و??ير??عظم وفاقي ۽ پنجاب ۽ ??يب??پختونخوا جي صوبائي حڪومتن کي آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختصر ۽ وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واري جامع منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهي هدايتون هن ملڪ ۾ آبادي بابت مسئلن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيون.
و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب و??ير??عظم عمران خان چيو ته آلودگي جيتوڻيڪ خاموش قاتل آهي، تنهن هوندي به ماضي جي حڪومتن ۾ ما??ول جو تحفظ ترجيح نه رهيو هاڻي غفلت جي وڌيڪ گنجائش نه آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏن سهرن کي آلودگي کان بچائڻو آهي ڇو ته آلودگي جي ڪري وڏي سماجي ۽ معاشي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ملڪ جي سمورين ميٽروز جي لاءِ نيون بسون، اليڪٽرڪ گاڏيون هجڻ گهرجن، اسان کي صنعتن کي پنهنجي يونٽ شهرن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ ما??ول جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. و??ير??عظم عمران خان پنجاب حڪومت کي سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع پاليسي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
و??ير??عظم وفاقي ۽ پنجاب ۽ ??يب??پختونخوا جي صوبائي حڪومتن کي آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختصر وچولي ۽ ڊگهي مدي واري جامع منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم ايئر ڪوالٽي ڪنٽرول سسٽم جي فروغ جڏهن ته موثر پابندين سان وڏن صنعتي يونٽس کي شهرن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ، گاڏين کي آهستي آهستي اليڪٽرڪ وهيڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۽ معياري ٻارڻ استعمال ڪرڻ تي مراعتون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته اسان مياواڪي ٻيلن جي طريقي جي ذريعي پنهنجي شهرن جي وڻڪاري ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا، و??ير??عظم ما??ول جي تحفظ لاءِ ماڻهن جي رويي ۾ تبديلي لاءِ وسيع سطح تي عوامي آگاهي جي اهيمت کي به اجاگر ڪيو.
ان کان اڳ و??ير??عظم عمران خان کي گاڏين، صنعتي يونٽ، فاضل مواد ۽ فصلن کي ساڙڻ بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪي آلودگي جي وڏو سبب آهن. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، و??ير??عظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص مددگار امين اسلم، ??يب??پختونخوا جي وڏي وزير ??حم??د خان ۽ لاڳاپيل سينئرن عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.