اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، اسان نوجوانن جي ان وڏي انگ کي ملڪ ۽ قوم ج?? لاءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ ج?? لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل محرڪ هوندا آهن، اسان انهن جي توانائين کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ج?? لاءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌي??ن ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ملاقات ڪئي. نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار وزيراعظم کي ڪا??ياب جوان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پ??ش ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪا??ياب جوان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي هيستائين 4.7 بلين رپين ج?? لاڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان نوازيو ويو آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪا??ياب جوان پروگرام تحت نوجوانن جي فائد?? لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ 106 يونيورسٽين ۾ ڪا??ياب جوان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪا??ياب جوان انوويشن ليگ، ڪا??ياب جوان ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪا??ياب جوان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽس گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.