اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي حوالي سان يور??ي يونين جي قراردادن ۾ پاڪستان بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي حوالا پاڪستان ۽ يور??ي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ اهو امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ يور??ي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات دوران چئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي ??يو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ نه رڳو پاڪستان پر پوري ??طي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. انساني ۽ معاشي بحران جي نظر ايندڙ خطري ??ي ڏس ۾ عالمي برادري کي افغانستان جي معاونت کي جاري ??کڻو پوندو. پرڏيهي وزير يور??ي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان يور??ي يونين جي قرارداد ۾ پاڪستان بابت منفي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ??يو ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي هوالا پاڪستان ۽ يور??ي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين عملدارن جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڀرپور معاونت ڪئي. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يور??ي يونين جي وچ ۾ تعاون جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ يور??ي يونين جي وچ ۾ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلا?? جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ يور??ي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه افغانستان تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪوششون جاري ??کڻ تي اتفاق ڪيو.